ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، ضلعي ڪشمور ۾ وڌنڌڙ بدامني تي ضابطو نه اچڻ ۽ ضلعي جي مختلف علائقن مان ھڪ معصوم نينگر سينگار علي ملڪ سميت اغوا ٿيل 18 ماڻھن جي بازيابي لا۽ جماعت اسلامي جي سڏ تي سوين ڪارڪنن ڊپٽي جنرل سيڪريٽري صوبه سنڌ جي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي۔ زريت بجاراڻي ضلعي امير غلام مصطفي ميراڻي۔ بشير احمد ميراڻي۔ حافظ امان الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي شاھي بازار کان ٿيندي مئن انڊس ھا۽ وي ڀرسان پريس ڪلب تي اچي ختم ٿي۔ ان موقعي تي ڪشمور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي۔ اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي ڪشمور جي اچڻ سان ايترو ته ڪرائيم وڌي ويو آھي جو نه ٻارن کي اسڪول موڪلي سگھون ٿا نه ئي روڊ جو سفر ڪري سگھون ٿا۔ ڪاروبار سوير بند ڪري گھر اچي ويھون ٿا ڪٿي ڦرجي نه وڃون۔ پوري ضلعي جي عوام سخت خوف ۾ ورتل آھي۔ اڳواڻن ايس ايس پي چتاء ڏيندي چيو ته ڊيل ڪري مغوي موٽائڻ واري پوليس جي اھڙي ڪڌي عمل سبب ڏوھاري زور وٺي ويا آھن۔ ھنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي موٽائڻ تائين اسانجو احتجاج جاري رھندو۔
