ڪنڌڪوٽ لڳ شادي م خوشي وچان فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪنڌڪوٽ لڳ شادي م خوشي وچان فائرنگ دوران گولي لڳڻ سبب نوجوان فوت گهر م قعورام مچي ويو خوشيون ماتم م تبديل ٿي ويو تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ ويجھو ڳوٺ علي محمد خان کوسو ۾ شادي جي تقريب ۾ خوشي دوران ھوائي فائرنگ دوران اوچتو پسٽل جي گولي لڳڻ سبب 15 ورھين جو سلطان احمد کوسو ٿڏي تي فوت ٿي ويو اھڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال ڪنڌڪوٽ آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو نوجوان جو مڙھ گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو شادي جي خوشي وارو ماحول روڄ راڙي ۾ تبديل ٿي ويو

پنھنجي راءِ لکو