ڪنڌ ڪوٽ،ڳوٺ محمد امين جعفري جي رھواسين جو پل جي ٻيھر بحالي لاء احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )
تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ محمد امين جعفري جي رھواسين جو پل جي ٻيھر بحالي لاء احتجاج ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڳوٺ ڌڻي محمد امين جعفري محمد عظيم وزير خان جمن خان شاھمراد ميرخان جعفري ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڇھ مھينا پھرين پل زبون حالي سبب ڪري پئي جنھن ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو شھر کان زميني رستو ڪٽيل آھي جنھن ڪري ڳوٺاڻن کي تڪليفن سان منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي ھنن چيو ته اھڙي دانھن ڊي سي منور علي مٺياڻي سميت حد جي چونڊيل عيوضين کي ڪيترائي ڀيرا ڪئي وئي پر ڪنھن به تدارڪ نه ڪيو اسان کي شھر طرف اچڻ وڃڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿئي پئي اسين ضلع انتظاميا سميت وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان جي ڳوٺ جي آمد و رفت وارو رستو بحال ڪري ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

پنھنجي راءِ لکو