ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪنڌ ڪوٽ جي گلشير پاڙي ۾ ھڪ ھفتو اڳ قتل ٿي ويل نوجوان نثار احمد شيخ جا قاتل گرفتار نه ٿي سگھيا نوجوان جي امڙ مسمات خانزادي شيخ پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ پھچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي ھن جو چوڻ ھو ته ھفتو گذري وڃڻ باوجود بھ پوليس پٽ جا قاتل گرفتار نه ڪري سگھي آھي مان پوليس ٿاڻي جا چڪر لڳائي ٿڪجي پئي آھيان پر منھنجي دانھن جي داد رسي ڪير به نٿو ڪري ھن چيو ته منھنجي پٽ کي ناحق قتل ڪري مون سميت ھن جي ٻچڙن کي ننڌڻڪو ڪيو ويو منھنجي گھر جو سھارو ھڪڙو ئي ھو جيڪو ظالمن کسي ورتو ھن ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ جي قاتلن کي گرفت ۾ آڻي قانون موجب سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ پوليس خلاف عدالت سڳوري جو در کڙڪائيندس
