سکر،آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن لاءِ،اسٽيپ فائونڊيشن سميت آء بي اي يونيورسٽي سکر جي شاگردن ۔سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر، ايس ڊي اي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي ويئي،

سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ سکر جي مختلف سماجي۔مذھبي ۔واپاري تنظيمن اسٽيپ فائونڊيشن سميت آء بي اي يونيورسٽي سکر جي شاگردن ۔سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر، ايس ڊي اي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي ويئي، جنهن ۾ سکر اسمال ٽريڊرز ، سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي اڳواڻن علامه نور احمد قاسمي، بابو فاروقي، عيدن جاگيراڻي، عبدالباري انصاري، محمد رضوان قادري، شاهه محمد انڍهڙ، آغا محمد اڪرم دراني، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، امداد جهنڊير، انيس خان، فقير رمضان ڪورائي، عبدالڪريم سومرو، اسلام نور خان، عبدالستار نوناري سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي حاجي محمد جاويد ميمڻ ۔اسٽيپ فائونڊيشن چيئر پرسن شائستا کوسو۔ڊاڪٽر سعيد احمد اعواڻرضوان قادري ۽ٻين جو چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ سفاڪ دهشتگرد عناصرن تعليم جي دوران حملو ڪري مستقبل جي معمارن ، معصوم ٻارڙن ۽ اسان جي مستقبل کي اونداهو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش. جهڙي طرح معصوم ٻارن پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ان تي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن کي قوم ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي، وطن عزيز پاڪستان جي استحڪام، سلامتي، خوشحالي ۽ امن جي لاءِ پاڪ فوج، سيڪورٽي فورسز جي ادارن جا قدم ساراھ جوڳا آهن، اسان وطن عزيز پاڪستان جي سلامتي، امن، استحڪام، خوشحالي جي لاءِ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيون، ۽ وطن جي خاطر وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻائينداسين، ريلي ۾ شهيدن جي ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ۽ دعا پڻ ڪئي وئي.

پنھنجي راءِ لکو