سکر،ڊي آء جي سکر جاويد احمد جسڪاڻي پنھنجي آفيس ۾ پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي اردلي روم ڪيو

سکر (بيورورپورٽ) ڊي آء جي سکر جاويد احمد جسڪاڻي پنھنجي آفيس ۾ پوليس آفيسرن ۽ اھلڪارن کي اردلي روم ڪيو ڊي آء جي سکر جاويد جسڪاڻي جي پريس ترجمان فرحان موجب ڊي آء جي سکر جاويد جسڪاڻي اردلي روم ۾ پيش ٿيڻ وارا آفيسر ۽ اھلڪارن جا معامرا ٻڌا مسئلا ٻڌڻ بعد حل لاء فوري طور حڪم جاري ڪيا ويا ڊي آء جي سکر حڪم جاري ڪندي چيو آھي ته پنھنجي ڊيوٽي نھايت ايمانداري سان سر انجام ڏيو ڊيوٽي آن غير حاضر نه رھو عوام سان سٺي اخلاق سان پيش اچو جيڪو به پوليس آفيسر يا اھلڪار سٺو ڪم ڪندو ان کي انعام سان نوازيو ويندو جيڪو غلط ڪم ڪندو ان خلاف ڊپارٽمينٽلي ڪاورائي ڪئي ويندي

پنھنجي راءِ لکو