سکر(بيورورپورٽ) سکر حيدرآباد ايم 6 موٽروي ميگا ڪرپش ڪيس۾ اينٽي ڪرپشن پاران گرفتار جوابدارن کي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر ۾ پيش ڪيو ويو جوابدارن کان وڌيڪ جاچ لاء اينٽي ڪرپشن پاران عدالت کي ريمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪئي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گرفتار جوابدارن ۾ ڊي سي نوشھرو فيروز جو پي اي عزيز انصاري ، رستم کوسو ، محرابپور جو تپيدار شفيق سومرو، سجاد ميمڻ ۽ ٻيا شامل ھئا ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ گهربل 15 جوابدار فرار ٿي ويا آھن ، اينٽي ڪرپشن جي عدالت کي آگاهي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ زمين جي خريداري ۾ ڪرپشن ڪندڙ 22 جوابدارن خلاف ڪيس داخل آھي اينٽي ڪرپشن پوليس جي عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾آگاهي جنهن بعد عدالت جوابدارن جي ريمانڊ ۾ چئن ڏينهن جي واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي۔ گرفتار ٿيل سڀئي جوابدار وڌيڪ جاچ لاء اينٽي ڪرپشن پوليس نوشھروفيروز حوالي ڪيا ويا۔
