لاهور، وزيراعظم شهباز شريف جو پٽ سليمان شهباز ايف آءِ اي ۾ پيش ٿي ويو ايف آءِ اي ترجمان موجب ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل لاهور ۾ رمضان شوگرملز بي نامي اڪائونٽس بابت داخل ڪيس جي جاچ ۾ سليمان شهباز باقاعده شامل ٿي ويو اهي ايف آءِ اي طرفان ان موقعي تي شروعاتي جاچ کان پوءِ سليمان شهباز کي هڪ سوالنامو ڏنو ويو جنهن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن ڪجهه وقت گهري ورتو. سليمان شهباز ايف آءِ اي جي سوالن جو لکت ۾ جواب جمع ڪرائيندو. ايف آءِ اي موجب رمضان شوگرملز جي بي نامي اڪائونس جي حوالي سان داخل ڪيل ڪيس ۾ جاچ جاري آهي.
ياد رهي ته سليمان شهباز ڪيس نمبر 2020-39 ٿاڻي ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل لاهور جي سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪئي هئي جنهن کان پوءِ هو اڄ ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿي ويو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس ۾ سليمان شهباز جي 14 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي ايف آءِ اي کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو
