نيويارڪ، (جمعو: 16 ڊسمبر 2022ع) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ جي ٻن لفظن ۾ ترديد ڪري ڇڏي ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته اسان نه روس کان تيل خريد ڪيو آهي ۽ نه ئي ان جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون هن وضاحت ڪندي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ روسي تيل کي صاف ڪرڻ جو نظام ئي موجود نه آه يجنهن سبب اسان روسي تيل خريد نٿا ڪري سگهون. ڀارت ۾ روسي تيل صاف ڪرڻ جو نظام موجود آهي هن چيو ته اسان روسل کان تيل نه پر ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون پرڏيهي وزير چيوته مستقبل ۾ اسان ڪوشش ڪري سگهون ٿا ته پاڪستان ۾ روسي تيل صاف ڪرڻ جو نظام لڳائي سگهون. پر فوري طور تي ان جو ڪوبه امڪان نه آهي. سستو تيل خريدڻ بابت ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄڪلهه ڪوبه رعايتي اگهن تي تيل نٿو ڏئي. هن چيو ته سستو تيل خريد ڪرڻ جون ڳالهيون حقيقتن تي ٻڌل نه آهن.
بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان توانائي بابت پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ کان پوءِ يورپ روسي تيل ۽ گئس تي ڀاڙيو آهي پر پاڪستان نه. هن رعايتي اگهن تي روس کان تيل جي خريداري واري ڳالهين کي ٽرڪ جي بتي قرار ڏئي ڇڏيو.
ياد رهي ته پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي بيان ڏنو هو ته روس پاڪستان کي رعايتي اگهن تي خام تيل ڏيندو جڏهن ته هن تازو ئي پيٽروليم واري وزارت جي عملدارن سان گڏ روس جو دورو پڻ ڪيو هو
