ڪنڌڪوٽ،ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي جي ڪشمور ۾ شري گرو نانڪ گردوارا ۾ سک ميلي جي تقريبن ۾ شرڪت

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ )ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي جي ڪشمور ۾ شري گرو نانڪ گردوارا ۾ سک ميلي جي تقريبن ۾ شرڪت جنهن ۾ هندوستان سميت ملڪ جي مختلف شهرن کان سک ۽ هندو برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي آهي جڏهن ته ڪشمور شهر جا سوين هندو برادري جا ماڻهو پڻ ميلي ۾ شريڪ ٿيا آهن ميلي جي ٻئي ڏينهن تي سکن جي مذهبي ڪتاب گرو گرنٿ صاحب جي پالڪي صاحب واري ريلي ڪڍي ويئي آهي جتي ملڪ جي مختلف شهرن کان آيل سک نوجوانن پاران مختلف ڪرتب ڏيکاري داد حاصل ڪئي ويئي. ميلي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي آهي جڏهن ته ميلي جي سڀاڻي پڄاڻي ٿيندي. سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن. .تنهن کان بعد ڊپٽي ڪمشنر سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اقليتي برادري جي ريوينيو مسئلن جي حل لاء اسسٽنٽ آفيس ڪشمور ۾ گڏجاڻي ڪئي ۔ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر رضا علي سومرو مختيار ڪار ڪشمور اعجاز احمد ٻرڙو ، ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کي ڪشمور تعلقي اقليتي برادري جي ريوينيو مسئلن جي حل لاء جوڳا اپاء وٺڻ جي هدايت.

پنھنجي راءِ لکو