ڪنڌڪوٽ، تنگواڻي، نافرمان پٽن پيءۡ نبيداد سندراڻي ۽ امڙ زرگل خاتون مٿان تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر عبدالخالق چاچڙ ، تنگواڻي لڳ ڳوٺ محمد امين کوسو جي رهواسي کي نافرمان پٽن پيءۡ نبيداد سندراڻي ۽ امڙ زرگل خاتون مٿان تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو نافرمان پٽن جو ماءۡ پيءۡ جي گهر تي قبضو ڪري گهران ڪڍي ماءۡ پيءۡ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور پنهنجي پٽن غوث بخش,جاويد سندراڻي خلاف پريس اڳيان احتجاج ڪندي نبيداد سندراڻي معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري دانهيندي چيو ته منهنجي نافرمان پٽن غوث بخش ۽ جاويد سندراڻي مون کي ۽ منهنجي گهرواري کي ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو گهر مٿان قبضو ڪيو آهي جنهن جو فرياد ڀٽائي ڪالوني پوليس کي ڪيو ان به فرياد وٺڻ بدارن مون کي ڌمڪائي پيو ته توکي گرفتار ڪندس,پوليس به جوابدار سان ٻٽ بڻيل آهي پوليس جوابدار کان ڳري رشوت وٺي ڪري ابتو مون کي گرفتار ڪري پئي ,مان ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪريان ٿو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي,

پنھنجي راءِ لکو