ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم طرفان گهنٽاگهرکان پريس ڪلب تائين بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

ڪنڌڪوٽ ( ڊسٽرڪٽ رپورٽر عبدالخالق چاچڙ )ڪنڌڪوٽ ۾ جسقم طرفان گهنٽاگهرکان پريس ڪلب تائين بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامنيءَ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،
اڳواڻن والي ڏنو سنڌي بشام سنڌي بشير خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اغوا، ڦرون، قتل، روز جو معمول بڻيل آهن،انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي،
جنهنجي اسان سخت لفظن ۾ مزمت ڪريون ٿا،هتي روز اهڙا نوان واقعا پيش اچن ٿا،مگر انتظاميه تحفظ ڏيڻ بجاءِ هٿ وٺي اهڙيون وارداتون ڪرائي پئي،
اسان هن احتجاج ذريعي ايس ايس پي ڪشمور زبير احمد شيخ صاحب کي اهو چتاءُ ٿا ڏيون ته اغوا ٿيل مغوين کي هڪدم آزاد ڪرايو وڃي،۽ ڪشمور ضلعي اندر مڪمل طور تي امن بحال ڪيو وڃي،نه ته ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو .سنڌ ڌرتي جا حقيقي وارث آهيون،
هن ڏکي ماحول ۾ پنهنجي ماروئڙن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو

پنھنجي راءِ لکو