لاهور، پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي سان سخت جملن جي ڏي وٺ کان پوءِ صوبائي وزير سردار حسنين بهادر دريشڪ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي سردار حسنين دريشڪ پنهنجي استعيفيٰ وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي جنهن جي هن تصديق به ڪري ڇڏي آهي ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڪابينه جي اجلاس ۾ حسنين بهادر دريشڪ جي پنجاب جي وڏي وزير سان سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي جنهن تي صوبائي وزير احتجاجن طور ڪابينه جي اجلاس مان اٿي هليو ويو هو ذريعن موجب ڪابينه اجلاس دوران هڪ ئي وقت دوران ڪيترن ئي وزيرن ڳالهائڻ چاهيو ٿي پر وڏي وزير چيو ته مان ڊسيپلين سان ڪابينه جو اجلاس هلائيندس، هڪ وقت تي هڪ ئي وزير ڳالهائي سگهي ٿو. وڏي وزير جي هدايت باوجود سردار حسنين بهادر پنهنجون ڳالهيون جاري رکيون.
ذريعن موجب وڏي وزير اجازت کان سواءِ ڳالهين کان روڪيو ته صوبائي وزير ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ هو استعيفيٰ جي ڌمڪي ڏئي اجلاس مان اٿي هليو ويو
