ٺڪراٺو ،جي ٿر واري علائقن ۾ پنجاب جي فيڪٽرين جو زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪيترن ئي ماروئڙن جا گھر ٻُڏي ويا

ٺڪراٺو جي ٿر واري علائقن ۾ پنجاب جي فيڪٽرين جو زھريلو پاڻي ڇوڙ ڪيترن ئي ماروئڙن جا گھر ٻُڏي ويا پيئڻ وارا کوھ تڙ ۽ ٽانڪا پاڻي جي لپيٽ ۾ زھريلو پاڻي پيئڻ سبب ٿرين جو چوپايو مال مري ويو وڻ سڙي ويا بااثر پنھنجا پٽ بچائڻ خاطر غريبن جا پٽ ٻوڙي ڇڏيا ڳوٺاڻن جو پنجاب جي فيڪٽري مالڪن ۽ ڄاڻي واڻي غريبن جا پٽ گھر تڙ ٽانڪا ۽ کوھ ٻوڙيندڙ بااثرن خلاف احتجاج ڇوڙ ڪيل فيڪٽرين جو پاڻي بااثر جاڏي لاھ آھي اتي ڇوڙ نه پيا ڪن پاڻي کي ٻُنڊا ڏئي واپس موٽائين ٿا سنڌ سرڪار حُرن جو روحاني پيشوا پير سائين پاڳارو ۽ مھر سردار ان معاملي جو نوٽيس وٺي زھريلي پاڻي کي انسان آبادي کان پري ڇوڙ ڪرائين جيئن ٿري پريشانين کان بچي سگھن ڳوٺاڻن جو مطالبو، ٺڪراٺو ۽ صالح پٽ جي ٿري علائقن ديھ ڊرڀن ٻاجھري وارو ۽ اودڙ ۾ پنجاب جي فيڪٽرين جو زھريلو ۽ ڪارو پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آھي زھريلي پاڻي جي ڇوڙ سبب ڪيترائي گھر ۽ پٽ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آھن ٿرين جو ڪيترو مال زھريلو پاڻي واپرائڻ سبب مري ويو آھي پر ھن معاملي جو سنڌ سرڪار پاران نوٽيس نه ورتو ويو آھي ان سلسلي ۾ اتان جي ڳوٺاڻن فقير ساماڻو مڱريو گل محمد ساجن الف گلاب نظام الدين سونو خالق ڏنو ھوت مڱريو ۽ ٻين پنجاب فيڪٽرين جي مالڪن ۽ ھٿرادو غريبن جا تڙ ٽانڪا کوھ ۽ پٽ ٻوڙيندڙ بااثر ماڻھن خلاف احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن دانھيندي چيو آھي ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنجاب جون فيڪٽريون پنھنجو خارج ڪيل زھريلو پاڻي ٺڪراٺو ۽ صالح پٽ تعلقي جي ٿري علائقن ديھ ٻاجھري وارو اودڙ ۽ ڊرڀن وارو ۾ ڇوڙ ڪن پيون جنھن پاڻي ٿر ۾ تباھ مچائي ڇڏي آھي ھنن چيو ته اسان ٿري ماروئڙن جو جياپو چوپائي مال تي آھي چوپايو مال زھريلو پاڻي واپرائڻ سبب مري چڪو آھي مال جو چارو وڻ ۽ کبڙ سڙي ويا آھن بااثر ماڻھو پنھنجا پٽ بچائڻ خاطر پاڻي جو جاڏي لاھ آھي اتي ٻُنڊا ڏئي غريبن جا گھر ٻوڙيا ويا آھن ۽ پاڻي کي رستو ڏيڻ بدران واپس موٽايو ٿو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا پيرسائين پاڳارو جي خليفن ۽ مھر سردارن محمد بخش خان مھر ۽ سردار علي گوھر خان مھر کي دانھون ڪيون آھن جن ماڻھو موڪليا آھن پر کين پاڻي جي نيڪال جي منصوبابندي نه پئي اچي اُھي ڀيري ڀيري ۾ غريبن وٽ پاڻي ڇڪي بيھارين ٿا احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سنڌ سرڪار حرن جي روحاني پيشوا اعلي حضرت پير سائين پاڳارو مھر سردارن سميت ڊي سي سکر کان مطالبو ڪيو آھي ته خداراھ نوٽيس وٺي ڪنھن پلاننگ تحت زھريلي پاڻي کي ڇوڙ ڪيو وڃي جيئن ڪو غريب نقصان کان بچي سگھي.

پنھنجي راءِ لکو