ٺڪراٺو ،مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو  ڏنڊن ۽ لٺين جي آزاداڻي استعمال

ٺڪراٺو ،جي ھاء  اسڪول پاڙي ۾ مھر ۽ مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو  ڏنڊن ۽ لٺين جي آزاداڻي استعمال سبب ٻنھي ڌرين جا 15 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي
زخمين ۾ عبدالرزاق ، علي نواز ، پير محمد ، جان محمد ، خداداد ، ڪڪر ، علي گل ، عبدالخير مهر عرض محمد ، اسحاق ، ارشاد علي، عبدالڪريم ، الطاف ، اڪبر ،مجيب مهتم سميت پندرهن ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن مھتم ڌر جي ماڻھن عبيدالله ، خالد مھتم ۽ ٻين مھر ڌر جي ماڻھن مٿان الزام ھڻندي چيو آھي ته اسانجو کاتي وارو پلاٽ ھاء اسڪول لڳ واقع آھي جتي مھر ڌر جا ڏنڊا بردار ماڻھو قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ۽ اڄ حملو ڪري اسانجي ماڻھن کي زخمي ڪري ڇڏيو آھي، ھوڏانھن مھر ڌر جي ماڻھن الهبچايو ، ڪڪر مھر  رابطي ڪرڻ تي الزام ھنيو آھي ته پلاٽ ماڙيچي ۽ اسانجو آھي جنھن تي پ پ جو مقامي جيالو خالد مھتم قبضو ڪيون ويٺو آھي اڳ ۾ به ان حملو ڪرائي اسان جا ماڻھون زخمي ڪري ۽ ڪوڙيون ايف آء آرون ڪرائي اسانکي حراسان ڪري پلاٽ تان هٿ کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ، هڏانهن ايس ايڇ او مبارڪپور طاھر دايو رابطي ڪرڻ  تي ٻڌايو آھي ته ٻنھي ڌرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان پراڻو مسئلو هلندڙ آهي جنهن جي بنياد تي اڄ  جھيڙو ٿيو آھي ٻنهي ڌرين جي  زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاء تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو آھي

پنھنجي راءِ لکو