سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) پاڪستان تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ سکر ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري صفيا بلوچ چيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي نااهلي سبب تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪا آهيون، سنڌ ۾ پيل برساتن ۽ سيلاب سبب اربين روپين جو فصل تباھ ٿي ويو آهي، سنڌ جا حڪمران موجن ۾ ويٺل آهن، خيرپور ناٿن شاھ ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا تائين برسات جو پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب مليريا گيسٽرو جي بيمارين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جاري ڪيل بيان ۾ صفيا بلوچ وڌيڪ چيو آھي ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي تي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي. سموري صورتحال دوران مظلوم عوام سان پي ٽي آءِ گڏ بيٺل آهي، خيرپور ضلعي جي تعلقي ٺري ميرواھ ۾ اڄ به برسات جو پاڻي بيٺل آهي، 70 سيڪڙو علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آهن، انتظاميا جي نااهلي سبب پاڻي نيڪال ناهي ٿي رهيو، عوام بي يارو مددگار ويٺل آهي، هن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته برسات ۽ سيلاب متاثرن جي مدد ڪئي وڃي.
