ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ بخشاپور لڳ فصل جي ڀيل تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو لٺين ء ڪھاڙين جو وسڪارو لاھي ڏنو 10 ڄڻا سخت زخمي اسپتال ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري رحيم يار منتقل اين سي داخل گرفتاري عمل م نه اچي سگهي ، تفصيل موجب بخشاپور لڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ جعفر خان جکراڻي م فصل م مال ڀيل ڪرڻ تان جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو ٿي پيو لٺين ۽ ڪھاڙين جو ھڪ ٻئي تي وسڪارو لاھي ڏنو جنهن جي نتيجي م ٻن ڌرين جا غلام فريد جکراڻي قدرت الله جکراڻي ساحي جکراڻي سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا اھڙو اطلاع بخشاپور پوليس کي ڏنو ويو بخشاپور پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين کي فوري طور اسپتال بخشاپور اسپتال آندو جن مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ھجڻ ڪري رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي جي بخشاپور پوليس اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي
