ڪنڌ ڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ،ڪجھ ڏينھ اڳ بخشاپور پوليس ٿاڻي جي حد زورڳڙھ واري علائقي مان مڇي جي فارم تي ستل چوڪيدار نظير عرف شالو گولو جي بازيابي لاء وارثن پاران زوڙ ڳڙھ اسٽاپ وٽ مين انڊس ھاء وي تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري پوليس جي نااھلي خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي وارثن محرم گولو زاھد گولو منير گولو ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ اسان جي مغوي کي پندرھن ڏينھن ٿي ويا ۽ ڌاڙيلن پاران ٽيھ لک ڀنگ طلب ڪئي وئي آھي جنھن جي سڄي ڄاڻ حد جي پوليس کي ڪئي پر ڪو بھ تدارڪ نھ ٿي سگھيو آھي ان ڪري مجبور ٿي انڊس ھاء وي بلاڪ ڪيو آھي ھنن چيو تھ مغوي انتھائي مسڪين آھي جنھن وٽ کائڻ لاء بھ ڪجھ نھ آھي ان باوجود بھ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي ٻئي طرف ڊي ايس پي بخشاپور ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مغوي کي ھڪ ھفتي اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري بعد روڊ کولرائي ڇڏيو ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي مسافرن کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو
