ڪنڌ ڪوٽ ڊسٽرڪٽ رپورٽر ، ڀيا برادري جي سرداري خاندان سان واسطو رکندڙ رئيس آصف علي خان ڀيو ڪنڌ ڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪجھ ڏينھن پھرين اڪرم ابڙو پاران اسان جي سردار بابل خان ڀيو خلاف بيان جاري ڪيو ته شڪارپور ۾ ھن جي برادري جي اڪثريت گھٽ ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ زيادا آھي جنھن ڪري ھن کي ڪير به سرادر تسليم نٿو ڪري ھن پريس ڪانفرنس ذريعي اڪرم ابڙو کي آء ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته توھان جي ھن ڪريل بيان ۾ ڪا بھ صداقت نه آھي تون پنھنجو قد بت اسان جي سرادر سان برابر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪر ڀيا قوم اڄ به بابل خان سان گڏ آھي ۽ ھميشا گڏ رھندي ھن چيو ته اڪرم ابڙو پنھنجو ڏنل بيان واپس نه ورتو ته ان خلاف وڌيڪ تحريڪ ھلائي ويندي
