اسلام آباد: عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري قدم کي ڪيئن منهن ڏيون؟ وزيراعظم شهباز شريف هنگامي اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد: عمران خان جي اسيمبليون ٽوڙڻ واري قدم کي ڪيئن منهن ڏيون؟ وزيراعظم شهباز شريف مشاورت لاءِ اڄ لاهور ۾ اتحادين جو هنگامي اجلاس سڏائي ورتو آهي ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواه اسيمبلين جي مستقبل بابت مشاورت ڪئي ويندي، ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ صوبن ۾ چونڊن جي تيارين وارن آپشنز جو جائزو به ورتو ويندو اجلاس ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اتحادي اڳواڻ شرڪت ڪندا، نون ليگ جي قائد ميان نواز شريف جي به لنڊن مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جا امڪان آهن

پنھنجي راءِ لکو