سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) صوبائي وزير بلديات سنڌ سيد ناصر حسين شاهه جي ضلعي سکر ۾ ڊرينيج واٽر سپلاءِ سميت هلندڙ 17 منصوبن مان اڪثر منصوبن ۾ غير معياري تعميراتي سامان استعمال ٿيڻ لڳو آهي، هڪ سروي موجب سياستدانن جا منظور نذر ٺيڪيدار توڙي ڪامورا سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوام دوست پاليسين خلاف ڪم ڪري پارٽي کي هڪ عرصي کان بدنام ڪندڙ آهن، جنهن سبب سکر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص ۽ غير معياري سامان استعمال ڪيو پيو وڃي. سکر ۾ ڀٽي اسپتال کان آئي بي اي طرف ويندڙ ايئرپورٽ روڊ تي گندي پاڻي واري نالي جي هلندڙ ترقياتي ڪم ۾ نالي جي مٿان سيمينٽ جي سلپن ۾ هيٺان کجين جا تختا هڻي لوڪل هلسنڊ ۽ ناڪاره سمينٽ سان بند ڪرڻ جو ڪم جاري آهي، جڏهن شهر جي ٻين هنڌن تي به ٺيڪيدان ۽ ڪرپٽ ڪامورن سرڪاري پئسن کي لٽڻ ۾ ڪابه قصر ناهي ڇڏي، جنهن سبب سکر ڪيترائي منصوبا تيار ٿيڻ کان اڳ ئي زبون حال بڻجي ويا آهن، شهرين مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جي جاچ ڪرائي معياري سامان استعمال ڪيو وڃي.
