فيض گنج: فيض گنج جي علائقي ڀنگو بهڻ مان نائين ڪلاس جي شاگردياڻي مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي جڏهن ته مبينا اغوا ٿيل شاگردياڻي جي والد محمد منير ڀنگو چيو آھي ته منھنجي نياڻي چوڏھن ورهين جي سردار خاتون عرف سونيا کي چار هٿياربندن ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آھن جڏھن ته مبينا اغوا ٿيل شاگردياڻي جي والد جي فرياد تي فيض گنج ٿاڻي تي سجاول ڀنگو، نذير احمد، رحيم جويو ۽ امجد ڀنگو تي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي هوڏانهن ناري جي وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان شاگردياڻي کي بازياب ڪرائي ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي
