ڪنڌڪوٽ :پريس ڪلب جي اڳيان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جو مودي خلاف احتجاج ڪندي

ڪنڌڪوٽ ڊر؛ ڪنڌڪوٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان مودي سرڪار جي خلاف گھنٽاگھر چوڪ کان ضلعي صدر گل محمد خان جکراڻي، ڊاڪٽر ميھر چند مھر غفران ملڪ صادق حسين گولاٽو ، غلام رسول ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاھرين ڀارت جي انتھا پسند مودي سرڪار جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن چيو ته وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري جي سچ چوڻ تي مودي سرڪار ۽ ڀارت جي انتھا پسند سوچ رکندڙ ميڊيا آپي کان ٻاھر ٿي بلاول ڀٽو جي خلاف ڪوڙي ۽ غلط پروپينگڊا ڪري رھي آهي ڀارتي ظلم خلاف پيپلزپارٽي ۽ سندس قيادت ھميشا آواز اٿاريو آهي مودي سرڪار جي انتھا پسندي جو اقوام متحدا فوري نوٽيس وٺي،

پنھنجي راءِ لکو