اسلام آباد: امڪاني نااهلي يا گرفتاري: عمران خان کي سندس پٽ سليمان کي گهرائڻ جي تجويز

اسلام آباد: عمران خان جي امڪاني نااهلي يا گرفتاري کان پوءِ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي پٽ سليمان کي لنڊن مان گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي امڪاني نااهلي يا گرفتاري کان پوءِ ڇا ٿيندو، ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻن جون پريشانيون وڌي ويون آهن.
عمران خان جي صدارت هيٺ ليه، بهکر ۽ ميانوالي جي پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چهينه گروپ جي سربراهه غضنفر چهينه چيو ته اوهان جيڪڏهن گرفتار ٿي ويو ته پويان پارٽي هلائڻ جي ڪنهن ۾ به اهليت نه آهي.غضنفر چهينه اعتراف ڪندي عمران خان کي تجويز پيش ڪئي ته ٻئي درجي جي قيادت ۾ سخت اختلاف آهن. جيڪڏهن ڪو بهتر اڳواڻ نه مليو ته پارٽي جي قيادت هلائڻ لاءِ اوهان جي پٽ سليمان کي پاڪستان واپس گهرايو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو