سکر:شاگردياڻي بختياور سومرو سنڌ هائي ڪورٽ سکر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي

سکر(بيورورپورٽ)شاگردياڻي بختياور سومرو پاران حراسان ڪرڻ بابت آء بي اي سکر انتظاميا خلاف ويڊيو اسڪينڊل وارو معاملوسنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ شاگردياڻي بختياور سومرو طرفان آء بي اي انتظاميه ۽ اڳوڻي ايس ايس پي خلاف ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء ڏنل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي۔عدالت شاگردياڻي بختياور سومرو کي درخواست جي پيروي ڪرڻ لاء بنا فيس جي وڪيل آچر گبول فراهم ڪري ڇڏيو۔عدالت ايف آء آر ۾ شاگردياڻي طرفان جوابدار طور نامزد ڪيل ڌرين کي 9 جنوري تي طلب ڪري ورتو۔ان ڏس ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ شاگردياڻي موقف اختيار ڪيو هو ته آء بي اي سکر انتظاميه ۽ اڳوڻي ايس ايس پي سکر مونکي باندي بڻائي حراسان ڪيو هو واقعي جي ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء عدالت آئي آهيان ضرور انصاف جي اميد آھي عدال شاگردياڻي بختياور سومرو جي استدعا تي کيس بنافي جي ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاء وڪيل به فراهم ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي 9 جنوري 2023 تي طلب ڪري ورتو آھي۔عدالتي احاطي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگردياڻي بختياوا سومرو چيو ته اڳوڻي ايس ايس پي سکر آء بي اي انتظاميا جي چوڻ ڌمڪايو هو ۽ آء بي اي انتظاميا منهن جي خلاف بلاجواز ڪاروائي ڪرائي ملڪ ۾ اڃان به عدالتن مان انصاف ملي ٿو کيس اميد آھي ته جوابدارن خلاف ايف آء آر ضرور داخل ٿيندي انصاف جي حاصلات لاء آخري گهڙي تائين جنگ وڙھندس ۔عدالت قانوني مدد ڏيڻ لاء بنا فيس جي وڪيل آچر گبول فراهم ڪيو آھي جيڪو قانوني مدد ڪندو هن وقت تائين پاڻ ڪيس جي پيروي ڪريان پئي عدالت جي شڪر گزار آھيان جنهن وڪيل ڪري ڏنو آھي۔

پنھنجي راءِ لکو