سکر:گهوٽڪي ۾ پسند جي شادي ڏوهه بڻجي ويو، ڪنوار جي وارثن جو گهوٽ جي گهر تي حملو،

سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/گهوٽڪي ۾ پسند جي شادي ڏوهه بڻجي ويو، ڪنوار جي وارثن جو گهوٽ جي گهر تي حملو، ڦرلٽ، متاثر جوڙو انصاف ۽ تحفظ لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي ويو، ڪنوار صوبيه ٽانوري صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته مان ڏيڍ مهينو اڳ پنهنجي مرضيءَ سان عبداللطيف مهر سان شادي ڪئي، هاڻي منهنجو پيءُ اڪبر ٽانوري، ڏاڏو سجاول ٽانوري، چاچو انور، ماما نياز، سڪندر ۽ ٻيا اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن، جن 15 ڊسمبر تي حملو ڪري ٻه ماڙ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، جوابدارن تي 10 ڳئون، 30 ٻڪريون، 4 مينهون، 10 تولا سونا زيور، ايل سي ڊي ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن، هاڻي اسان کي قتل ڪرڻ چاهين ان ڪري دربدريءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ان سان گڏوگڏ اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو