سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو)سکر جي مين سبزي منڊي ويجھو پير لال مشائخ ڏنگڙي شاھ بادشاھ قبرستان جي زمين تي مبينه قبضي خلاف علائقي واسين جو احتجاج۔قبضي خورن خلاف نعري بازي۔لينڊ مافيا خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ان سلسلي ۾ سکر جي سبزي منڊي لڳ قديمي قبرستان پير لال مشائخ ڏنگڙي شاھ بادشاھ ۾ دفنايل مائٽن جي قبرن کي ٺاهڻ کان روڪڻ تي علائقي واسين اربيلو شيخ ۽ علي شير جوڳي جي اڳواڻي ۾ قبرستان جي پلاٽ تي قبضو ڪندڙن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڇتي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته قبرستان جي زمين تي قبضو ڪندڙ آخرت کي وساري ويٺا آھن ته انهن کي مرڻو ناهي قبضي مافيا گروپ قبرستان جي زمين تي ديوار ڪڍي اڍ قبرستان تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي جڏهن ته بااثر قبضي خور علائقي واسين کي قبرستان ۾ ميت دفنائڻ کان به روڪي رهيا آھن جنهن سبب علائقي واسي پريشاني جو شڪار آھن۔مظاهرين سنڌ جي وزير سيد مراد علي شاھ۔ڪمشنر سکر ڊويزن ۔ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ته قبرستان جي زمين تي قبضو ڪندڙ با اثرن خلاف ڪاروائي ڪرائي کين سخت کان سخت سزا ڏياري علائقي واسين کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي۔
