ڪنڌڪوٽ:ڪشمور ۾ سول سوسائٽي طرفان پاڪ فوج جي حق ۾ پاڪستاني جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪشمور ۾ سول سوسائٽي طرفان پاڪ فوج جي حق ۾ پاڪستاني جهنڊا کڻي ريلي ڪڍي وئي، ريلي نادرا چوڪ کان شروع ٿي جيڪا شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي ريلي ۾ ڪشمور جي ديوان برادري سميت وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي،، ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن جو چوڻ هوته ڪجهه ماڻهو سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي اهم داران ۽ پاڪ فوج کي نشانو بڻائي دشمن ملڪ کي خوش ڪري رهيا آهن اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته پاڪ فوج اسان جي جان آهن ۽ ملڪ جي سالميت جو اهم ادارو آهي هنن چتاءُ ڏنو ته پاڪ فوج خلاف غلط پروپيگنڊا بند ڪئي وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ سخت عوامي ردعمل سامهون ايندو

پنھنجي راءِ لکو