ڪنڌڪوٽ: وڪلا برادري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي مين گيٽ آڏو ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي

ڪنڌڪوٽ: ڊر؛ ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر وڌنڌڙ بدامني ۽ اغوا ٿيل مغوين جي بازيابي لاءِ اسلامڪ لائیرز موومينٽ جي سڏ تي وڪلا برادري ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي مين گيٽ آڏو ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي اڳواڻن آغا ڪليم اللّٰه خلجي، آغا عبدالفتاح پٺاڻ، عبيداللّٰه گولو ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته ضلعي اندر چوريون، ڦرون، ڌاڙا ۽ اغوا روز جو معمول بڻجي ويو آھي جنھن ڪري غريب مسڪين ماڻھون خوف واري زندگي گذاري رھيا آھن پوليس امن قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رھي آھي پوليس جي ناڪامي سبب شھري لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن اسان جو ھي علائقو اغوا انڊسٽري بڻجي ويو آھي ھڪ مغوي کي پوليس بازياب ڪرائي ٿي ته ٻئي ڏينھن ٻه ٻيا اغوا ٿي وڃن ٿا اسين سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪريون ٿا ته فوري طور ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرائي بدامني تي ضابطو آڻي سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جي تحريڪ جاري رھندي،

پنھنجي راءِ لکو