اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف 2 ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي،رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مبينه ڌيءَ جا نامزدگي ڪاغذ ظاهر نه ڪرڻ تي عمران خان جي خلاف شهري محمد ساجد جي درخواست تي نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي
ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن عدالت جي سامهون پيش ٿيو جڏهن ته عمران خان طرفان سلمان اڪرم راجا وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو. وڪيل چيو ته اهڙي قسم جي ڪيسن جو اڳ ئي فيصلو ٿي چڪو آهي،اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اهو معاملو ڪيترائي ڀيرا اڳ به اسان وٽ اچي چڪو آهي اهڙيون درخواستون رد ٿينديون رهيون آهن،عدالت ريمارڪس ڏنا ته عمران خان جي وڪيل جو وڪالت نامو اچي ويو آهي. کيس جواب جمع ڪرائڻ جي لاءِ وقت ڏئي رهيا آهيون جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
هوڏانهن توشه خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۽ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ عمران خان خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عمران خان جي وڪيل بيرسٽر علي ظفر جي معاون عدالت کان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪندي ٻڌايو ته بيرسٽر علي ظفر مصروفيتن سبب اڄ پيش نٿو ٿي سگهي.
چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق معاون وڪيل جي استدعا منظور ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي
