سکر: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ سکر کان حيدرآباد تائين نيشنل ھاءِ وي جي خراب صورتحال متعلق داخل پٽيشن جي ٻڌڻي ،سکر: چيئرمين نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي ۽ ميمبر سنڌ زون عدالت ۾ پيش ،سکر: برسات سبب سکر کان مورو تائين 120 ڪلو ميٽر نيشنل ھاءِ وي متاثر ٿيو آھي. چيئرمين اين ايڇ اي ،سکر: اپريل 2023ع تائين مورو کان راڻيپور سيڪشن کي 31 ارب روپين جي لاڳت سان ٺاھيو ويندو،سکر: ھالا کان سڪرنڊ تائين چائنا جي تعاون سان روڊ جي تعميرات وارو ڪم شروع ڪيو ويندو.سکر: عالت چيئرمين اين ايڇ اي کي ٻن مھينن اندر اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سکر: سنڌ حڪومت کان موٽروي جي زمين جو قبضو ڏياريو وڃي. اين ايڇ اي چيئرمين جي عدالت کي استدعا،سکر: نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي موٽروي جي زمين لاءِ رقم مڪمل ادا ڪري ڇڏي آھي. اين ايڇ اي چيئرمين،سکر: رقم ۾ ڪرپشن ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ٻين عملدارن ڪئي آھي اين ايڇ اي کي زمين ڏياري وڃي. اين ايڇ اي چيئرمين ،سکر: زمين ملڻ ۾ تاخير سان موٽروي جو ڪم متاثر ٿي سگھي ٿو. اين ايڇ اي چيئرمين جي عدالت کي آگاھي
