ڪنڌڪوٽ : گولاٽا برادري جي پورهيت جو فصل ڀيلائڻ جي ڪوشش پورهيت پاران روڪڻ تي پورهيت جي گهر تي مُبينا حملو ڪري ڏنو

ڪنڌڪوٽ : ڊسٽرڪٽ رپورٽر :بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام شبير گولاٽو ۾ بنگوار برادري جي ماڻهن پاران گولاٽا برادري جي پورهيت جو فصل ڀيلائڻ جي ڪوشش پورهيت پاران روڪڻ تي پورهيت جي گهر تي مُبينا حملو ڪري ڏنو جڏهن ته پورهيت پپو گولاٽو الزام هڻندي چيو ته بنگوار برادري جا بااثر نادر بنگوار شکل بنگوار واحد بنگوار ڪيهر بنگوار ۽ ٻين منهنجو ڪڻڪ جو فصل ڀيلائي رهيا هئا مون کين روڪيو ته مون مٿان حملو ڪري زخمي ڪري منهنجي گهر ۾ گهري عوتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري منهنجي گهر کي باه ڏيئي ساڙي ڇڏيائون ۽ ڌمڪائي رهيا هئا ته توکي اسان مارينداسي اطلاع بعد فورن بخشاپور پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته جوابدار فرار ٿي ويا هن چيو ته مان مسڪين پورهيت آهيان هارپو ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آهيان هن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته مونکي بااثرن مان جان جو خطرو آهي فورن نوٽس وٺي حملو ڪنڌڙ بااثر ماڻهن مٿان قانوني ڪاروائي ڪري مونکي تحفظ ڏنو وڃي

پنھنجي راءِ لکو