ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ گڊو لڳ مختلف ھنڌن کير وڪرو ڪندڙ پورھيت ء شاھوالي مان ٽرڪ ڊرائيور ء ڪلينئر ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويا ھٿياربندن جو ڪوچ تي فائرنگ ھڪ نينگري سخت زخمي ٿيڻ جا اطلاع
پنجاب جي علائقي شاھوالي مان ڊرائيور ۽ ڪلينڊر اغوا پنجاب جي علائقي شاھوالي ٿاڻي جي حد ۾ پرھ ڦُٽي مھل نامعلوم جوابدارن نيشنل ھاءِ وي بلاڪ ڪري ھڪ ٽرڪ کي روڪي ٽي لک روپيا روڪ ڦر ڪرڻ بعد ٽرڪ جي ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪري کڻي ويا ٽرڪ ڊرائيور ڪنڌڪوٽ واسي طارق بنگوار ۽ فاضل پور پنجاب واسي عنصر لاشاري کي ڏوهاري اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا ٻئي پاسي پنجاب جي شاھوالي واري علائقي ۾ نيشنل ھاءِ وي تي ڦر جي ارادي سان بيٺل نامعلوم جوابدارن پاران مسافر ڪوچ کي روڪڻ جي ڪوشش مسافر ڪوچ نه بيھارڻ بعد نامعلوم جوابدارن مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪري ڏني، ھڪ نينگري سخت زخمي ٿيڻ جا اطلاع ٻئي طرف گڊو لڳ آرڊي 17 وٽان کير وڪرو ڪندڙ پورھيت 35 سالن جو شھبان ڊرگھ رات جو ديرسان ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ڪچي فرار ٿي ويا
