اسلام آباد: تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي مان استعيفائن جي منظوري لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو آهي،ذريعن موجب پي ٽي آءِ استعيفائن جي منظوري لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سپريم ڪورٽ ويندي. ان سلسلي ۾ قانوني ماهرن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن،قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان استعيفائن جي منظوري ۾ دير سبب تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ايوان ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ته اجلاس ملتوي ڪيو ويواستعيفائن جي منظوري لاءِ اسپيڪر جي آڏو وڃڻ جو اعلان ڪيو ته اسپيڪر موڪل تي روانو ٿي ويو. ذريعن موجب لاڳيتو دير سبب پي ٽي آءِ هن معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪري ورتو آهي
