اوٻاوڙو :ٽنڊو الھيار شھر جي رھواسڻ ھندو ناري اسلام مان متاثر ٿي پيرميان جاويد احمد قادري جي رھائش گاہ تي پهچي مذهب مٽائي اسلام قبول ڪري ورتو ،تفصيل موجب. ٽنڊو الھيار شھر جي رھواسڻ ھندو ناري شھنيلا ولد شير ڀٽ اسلام مان متاثر ٿي ڀرچونڊي شريف پير ميان جاويد احمد قادري جي رھائش گاھ پھچي پنهنجو مذهب مٽائي ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪري ورتو ، ناري جو اسلامي نالو شازيه علي رکيو ويو
ان موقعي تي شازيه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون تي ڪنهن به قسم جو ڪو دٻاءُ ناهي مون پنهنجي رضامندي ۽ خوشي سان اسلام مان متاثر ٿي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي آھيان
