سکر:نيب چئرمين کي شوڪاز نوٽيس وارو معاملو خوراڪ کاتي گهوٽڪي ۾ 2 ڪروڙ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي  احتساب عدالت سکر ۾ ٿي

سکر(بيورورپورٽ) نيب چئرمين کي شوڪاز نوٽيس وارو معاملو خوراڪ کاتي گهوٽڪي ۾ 2 ڪروڙ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي  احتساب عدالت سکر ۾ ٿي نيب عدالت سکر  جي جج فريد انور قاضي  ٻڌڻي ڪئي۔ٻڌڻي دوران عدالت ريماڪس ڏنا ته سپليميٽري ريفرنس داخل نه  ڪرايو ويندو ضمني ريفرنس ئي فائنل ريفرنس آهي ۔وڪيل زبير احمد چاچڙ نيب چئرمين طرفان لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ عدالت کي آگاهي ڏني وئي جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ياد رهي ته گهوٽڪي واري ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر انيس الرحمان مهر. فلور مل مالڪ اشوڪ ڪمار. گيانچند. واشو رام. عبدالرشيد چاچڙ ۽ ٻيا شامل آهن۔

پنھنجي راءِ لکو