لاهور: تحريڪ انصاف جي عورت اسيمبلي ميمبرن الزام لڳايو آهي ته اسان کي پارٽي تبديل ڪرڻ لاءِ لالچ ڏني پئي وڃي ۽ اهو به چيو پيو وڇي ته مستقبل ۾ اوهان کي ٽڪيٽ ڏينداسين،تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان عورت اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هنن پنجاب جي وڏي وزير خلاف به خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو،عورت اسيمبلي ميمبرن پنجاب جي وڏي وزير خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا ۽ چيو ته پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن جي وڏي انگ کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. عورت ميمبرن الزام هنيو ته ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ جي لاءِ 10-19 لک روپيه ورتا پيا وڃن ترقياتي فنڊز ڪجهه ضلعن تائين محدود ٿي ويا آهن، اوهان کي ڌوڪي ۾ رکيو پيو وڃي پر ان باوجود پي ٽي آءِ انهن سان اتحاد ڪري رهي آهي،عورت ميمبرن عمران خان کي ٻڌايو ته اسان کي پئسن جي آڇ ڪئي پئي وڃي اسان کي اڻڄاڻ هنڌ تي منتقل ڪرڻ جي آفر ڪئي وئي اسان کي لالچ ڏني پئي وڃي ته اوهان کي مستقبل ۾ ٽڪيٽ ڏينداسين، ذريعن موجب ملاقات دوران عمران خان عورت اسيمبلي ميمبرن کي کلندي چيو ته اوهان پئسا وٺي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، نظرئي سان گڏ رهو هنن جي آفر مان انجواءِ ڪريو،
