ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ڪنڌڪوٽ لڳ چوري جي معاملي تان محمداڻي ء کوسا برادري م جھيڙو فائرنگ ھڪ ڄڻو کوسو برادري جو نوجوان قتل پوليس روايت برقرار رکندي ديرسان پھتي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ڌريون مورچابند ،تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ رسالدار ٿاڻي جي حد حيدري چوڪ وٽ چوري جي معاملي تان محمداڻي ء کوسا برادري جي ٻن ڌرين م جھيڙو تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو محمداڻي برادري جي ھٿياربندن توج شاخ وٽ کوسا برادري مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م فائرنگ جي دوران گوليون لڳڻ سبب چاڪر پٽ بھاول کوسو ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع رسالدار پوليس کي ڏنو ويو پوليس پنهنجي روايت کي برقرار رکندي دير سان پھتي نوجوان جو لاش تحويل م وٺي پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال ڪنڌڪوٽ کڻائي آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو نوجوان جو مڙھ گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري گرفتاري عمل م اچي سگهي آهي ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن
