ڪنڌڪوٽ :غوثپور لڳ ڪچي واري علائقي م ٻيڙي اونڌي ٿي پئي ٻن عورتن سوڌو 8 ڄڻا ٻڏي ويا

ڪنڌڪوٽ :غوثپور ڀرسان ڪچي جي ڳوٺ رئيس محمد حيات اوڳاھي واري علائقي ۾ درياء ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ ٿيڻ سبب ھڪ عورت مسمات لڏڻ زال حبيب الله ۽ 9 ورھين جي نينگري شبيران عرف جيجل ڌئ سعادالله اوڳاھي سميت ٻھ ڄڻه ٻڏي فوت ٿي ويا۔ ڳوٺاڻن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت مسمات لڏڻ پنھنجي گھر ڀاتين سان ڪاٺيون ڀرائي ڳوٺ يار محمد اوڳاھي ڏي وڃي رھيا ھئا ته درياء جي وچ۾ ٻيڙي اونڌي ٿي پيئي۔ ٻيڙي ڪلٽي ٿيڻ سبب چئو طرف دانھون ۽ ڪيڪون پئجي ويون۔ جنھن بعد ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن پاڻي ۾ ٽپا ڏيئي ھڪ ڪلاڪ جي ڳولھا بعد ٻئي لاش ڪڍي ورتا۔لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو پوري ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي۔ ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ته ان حادثي دوران ٻھ عورتون مسمات اميدان ۽ مسمات صغران پڻ سخت زخمي ٿي پيون آھن جن کي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال علاج لا۽ موڪليو ويو آھي۔

پنھنجي راءِ لکو