اسلام آباد: اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي،اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل اعظم خان 6 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي تصديق ٿيل ٽوئٽر اڪائونٽ تان رياستي ادارن خلاف مهم هلائي هن پاڪ فوج جي آفيسرن خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. اعظم سواتي رياستي ادارن خلاف بغاوت تي ٻڌل ٽوئٽس ڪيترائي ڀيرا ڪيا. هن عوام کي ادارن خلاف ڀڙڪايو،فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج جي آفيسرن خلاف اعظم سواتي جي ٽوئٽ کي ڪيترن ماڻهن ري ٽوئٽ ڪيو. اعظم سواتي تي لڳل قلمن تي گهٽ ۾ گهٽ 7 سال ۽ وڌ کان وڌ عمر قيد جي سزا ملي سگهي ٿي،فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ان کان اڳ اعظم سواتي تي رياستي ادارن خلاف بيان ڏيڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هن پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تان ڪيترائي ڀيرا رياستي ادارن جي آفيسر خلاف ٽوئٽ ڪئي. اعظم سواتي هڪ ئي ڏوهه کي ڪيترائي ڀيرا ڪيو. ان ڪري سندس ضمانت واري درخواست رد ڪئي وڃي ٿي
