سکر:ريٽائرڊ پرفيسر ڊاڪٽر ممتاز علي جوڻيجو ميڊيا کي تفصيل ٻڌائيندي

سکر(بيورورپورٽ) سنڌ هائي ڪورٽ سکر بينچ جي حڪم باوجود شاھ عبدلطيف يونورسٽي خيرپور جي ريٽائرڊ سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز علي جوڻيجو کي ريٽائرمنٽ جا پئسا نه ملي سگهيا متاثر پروفيسر پاران ڊائريڪٽر فنانس ۽ ٻين خلاف توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪيو سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 15 مارچ 2022 تي 21 هين گريڊ جي پوسٽ تان ريٽائرڊ ٿيو آھيان يونيورسٽي ڏاهن پنهنجي پئسن جي حاصلات لاء سنڌ هائي ڪورٽ سرڪل بينچ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي عدالت ٽن مهينن اندر سموري رقم ادا ڪرڻ جو يونيورسٽي انتظاميا کي حڪم ڏنو هو عدالتي ليٽر کڻي ڊائريڪٽر فنانس وٽ ويس جنهن 21 ڊسمبر تي سموري رقم 73 لک 88 هزار 648 روپيا ڏيڻ جو چيو هو 21 ڊسمبر تي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊائريڪٽر فنانس وٽ ويس ته هن بد اخلاقي سان پيش ايندي رهتون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو اهڙي شڪايت کڻي وي سي وٽ ويس ته وي سي به بي اختياري ظاهر ڪئيآھي هاڻي مجبور ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊائريڪٽر فنانس ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارن خلاف 23 ڊسمبر تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائيندس۔ريٽائرڊ پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز علي جو ڻيجو سنڌ جي وڏي وزير سميت اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته کيس رهتون ڏياري پريشاني کان بچايو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو