ڪراچي: سپريم ڪوٽ گهوٽڪي ۾ وڪيل جي ڀائيٽي کي اغوا ۽ قبرستان جي زمين تي قبضي جي الزام هيٺ سردار علي گوهر مهر ۽ علي نواز عرف راجا خان مهر سميت 10 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
سيد قمبر علي شاهه ڪاظمي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس سيد حسن اظهر رضوي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او پڻ پيش ٿيا،درخواست گذار جي وڪيل موقف ڏنو ته گهوٽڪي ۾ 8 ايڪڙ زمين تي ايم پي اي علي گوهر مهر ۽ علي نواز خان سميت ٻين قبضو ڪيو. 36 قبرون ڊاهيون ويون جڏهن ته شڪايت ڪرڻ تي حراسان ڪيو ويو. منهنجي موڪل جي ڀائيٽي محمد فدا عباس شاهه کي 2018 ۾ اغوا ڪرايو هو،عدالت پوليس مٿان ڪاوڙ جو اطهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اڳوڻي ايس ايڇ او ثبوت ڇو گهريا؟ ڪو به ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ايندو ته ڇا ان سان اوهان اهڙو رويو رکندو؟ اوهان درخواست ڇو نه پڙهي اها ته لکيل به سنڌي ۾ هئي،عدالت درخواست گذار جي درخواست وٺڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي 2 ايم پي ايز سميت ٻين خلاف ڪارروائي جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪارروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ درخواست گذار ٻيهر عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته عدالت مغوي کي بازياب ڪرائڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو
