ڪنڌڪوٽ :جي رھواسي واپاري۽سماجي ورڪر انيل ڪمار ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي

ڪنڌڪوٽ(ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي رھواسي واپاري۽سماجي ورڪر انيل ڪمار ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد پي پي ايل لڳ منھنجي رائيس مل آھي جتي اسين جڏھن به وڃون ٿا ڏوھاري پوليس جي موجودگي۾ ڦر لٽ ڪن ٿا فائرنگ ڪن ٿا؛ھن چيو ھڪ ئي مھيني ۾ ٽي ڀيره اسان تي اٽيڪ ٿيو آھي ھن چيو ته منھنجي ڀائٽي کان روڪ رقم؛موبائل ڦر ٿي؛ٻيو ڀيرو نه بيھڻ تي ڏوھارين مٿان فائرنگ ڪئي؛ٽيون ڀيرواڄ منھنجي پٽ سني ڪمار مٿان ڪار تي حملو ٿيو نه بيھڻ تي ڪلاسنڪوف سان فائرنگ ڪئي وئي۽منھنجو پٽ معجزاڻي طور بچي ويو۽منھنجي ڪار مڪمل تباھ ٿي وئي؛انيل ڪمار چيو ته حد جي پوليس ايف آء آر داخل ڪرڻ لاء تيار ئي ناھي۽ايس ايڇ او سڪندر پنھنور ڪن لاٽار ٿو ڪري اسين واپار غير محفوظ آھيون ھن بدامني سبب اسين ڪاروباري خاص ڪري ديوان سخت پريشان آھيون ھن چيو ته تحفظ نه ڏنو ويو ته مون پاران سماجي ڪم ڪرڻ به بند ڪندس۽اسين آرمي چيف؛سنڌ حڪومت۽آء جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان کي تحفظ ڏنو ٻي صورت۾ اسين ڪنڌڪوٽ شھر۽سنڌ کان لڏي ھليا وينداسين؛ھن وڌيڪ چيو ته انچارج سي سيڪشن کي ھٽائي انصاف ڏياريو وڃي،

پنھنجي راءِ لکو