ڪنڌڪوٽ :ھوٽل مالڪ نوجوان مولاداد ملڪ کي گبول برادري جي موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گوليون ھڻي قتل

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ،ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سٽي پارڪ جي سامهون ھوٽل مالڪ نوجوان مولاداد ملڪ کي گبول برادري جي موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو اھڙي واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا جڳهه واردات تي موجود شھرين نوجوان جو لاش کڻائي سول اسپتال آندو واقعي جي اطلاع تي ملڪ برادري جا سوين ماڻھون اسپتال پھچي ويا جتان ضروري قانوني ڪاغذي ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو مڙھه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو ڪاروڪاري سبب پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ھوڏانھن ڪارنھن جي الزام م قتل ٿيل نوجوان مولاداد ملڪ جو لاش وارثن کڻي انڊس ھاء وي فلورمل وٽ رکي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھجي ويون ان موقعي تي مظاھرين چيو ته اسان جي نوجوان مولاداد ملڪ کي گبول برادري جي ھٿياربندن ناحق قتل ڪيو آهي اسان جو ڪارنھن تڪرار سان واسطو ناهي ھنن ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو آهي ته نوٽس وٺي جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ايس ايڇ او اي سيڪشن گل محمد مھر سڪندر پنھور مظاھرين وٽ ٽن اندر جوابدار گرفتار ڪيو ء خاطري بعد رستو کوليو ويو نوجوان جو لاش گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو

پنھنجي راءِ لکو