سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/سکر ۾ جنگ جو قانون، پولیس پيار جي پرڻي واري پلاند ۾ اغوا ڪيل ٽي عورتون بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، جوابدارن کي سياسي سرپرستي حاصل، ملاح برادري جا سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو، سنڌ ملاح فورم ملاح پاران ٽن عورتن جي بازيابي لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهري جي اڳواڻي سڪندر ماجد ميراڻي، دلبر ميراڻي، شائستہ بلوچ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، هنن نعريبازي ڪندي چيو ته ڀنڀرو برادري جي هٿياربندن ٻہ هفتا اڳ حملو ڪري ملاح برادري جون ٽي جوان ڇوڪريون اغوا ڪري کڻي ويا، جوابدار کي سياسي سرپرستي حاصل آهي ان ڪري پوليس عورتون بازياب ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي، الٽو اسان کي سمون خان ڀنڀرو وٽ جرڳو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هتي قانون جي بالادستي ناهي، جهنگ جو قانون آهي، صرف عورتن کي اغوا ئي ناهي ڪيو پر ٻين عورتن ۽ مردن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هنن چيو ته سمون برادري جي ڇوڪري گهر نڪري پاڻ پسند جو پرڻو ڪيو آهي، پلاند ۾ ملاح برادري جي عورتن کي اغوا ڪيو ويو آهي، هتي انڌير نگري چرٻٽ راڄ جو ماحول آهي ۽ پوليس وڏيرن آڏو بيوس بڻيل آهي، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، وزير اعلي سنڌ، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري ٽنهي عورتن کي ترت بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.
