ڪنڌڪوٽ ڊر:ڪنڌڪوٽ جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل فرسٽ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ جي جج محمد علي قريشي جي عدالت ۾ جوابدار خادم ڀيو مٿان حمل شدہ عورت شاھدہ جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاھي جي سزا ٻڌائي ڇڏي اھڙي فيصلي بعد پوليس جوابدار کي ھٿڪڙيون ھڻي سکر سينٽرل جيل موڪلي ڇڏيو واضع رھي ته غوثپور ٿاڻي تي جوابدار مٿان سرڪار جي مدعيت ۾ اي ايس آءِ شوڪت بنگلاڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو ھڪ سال اڳ جوابدار اھڙو واقعو ڪيو جيڪو ڪيس عدالت ۾ ھلندڙ ھو
