اوٻاوڙو رپورٽ محمد بچل گهنڃو ، هيومن رائيٽس پروٽيڪشن محب وطن آرگنائزیشن پاڪستان ادراھه برائي انساني حقوق ضلعي گهوٽڪي ۽ تعلقي اوٻاوڙو پاران رانوتي روڊ نذد اڪبر فوٽو گرافر وٽان عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي
رپورٽ موجب ، هيومن رائيٽس پروٽيڪشن محب وطن آرگنائيزيشن پاڪستان ادراھه برائي انساني حقوق ضلعي گهوٽڪي ۽ تعلقي اوٻاوڙو پاران اڪبر فوٽو گرافر ا ڀرسان رونتي روڊ تان يونائيٽي پيس نيشنلزم جي حوالي سان عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي صوبي سنڌ جو صدر ھڪ سچو محب وطن پاڪستاني لالا نبي بخش ڀٽي ڪئي، ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن پاڪستان جا جهنڊا ۽ پنهنجي تنظيم جا پينافليڪس کڻي جن ۾ يونائيٽي پيس نيشنلزم جا بينر شامل ھيا، ريلي ۾ اپنا سھارا ويلفيئر سوسائٽي براچ گهوٽڪي جو صدر در محمد بگٽي جنرل سيڪريٽري دادو شيخ، ساجد علي عباسي، محمد نواز ميراڻي، محمد ياسين، چاچڙ، خالد لنجار، راشد علي پتافي، سڪندر علي ڏيرو سميت ھومین رائٹس پروٽيڪشن محب وطن آرگنائيزيشن پاڪستان ضلعي گهوٽڪي جي صدر محمد قابل ڀٽي، عابد حسين رند، الطاف حسين رند، چوڌري محمد رمضان آرائين، صوبيدار خان ڪوش، دلبر ڪمبوھه، فياض ڪمبوھه، ڪرشن لعل، حاجي ميهر علي سومرو، مير ڀٽو، صحافي قاري تاج محمد سيٺار، صحافي محمد سومار شر، صحافي عبدالمجيد شر، صحافي استاد عزيز الله ملڪ، صحافي راحب حسين رند، رياض احمد شر، بشير احمد ڀٽي، شڪيل احمد ڀٽي، غلام ياسين ڀٽي، دلدار ڀٽي، عاشق ڀٽي، عبدالغني ڀٽي، وقار ڀٽي، مولوي عبدالوهاب سومرو، عبدالشڪور سومرو سميت سوين ماڻهن شرڪت کي يقيني بڻايو، پاڪستان زندھه آباد، پاڪ فوج زندھه آباد جا پرجوش نعرا هنيا ويا، اڳواڻن چيو ته اڄوڪي عظيم الشان ريلي جو مقصد اهو آهي ته امن، اتحاد، قوميت ۽ يڪجهتي لاءِ اسين سڀ پاڪستاني عوام پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ بيٺا آهيون، پاڪ فوج اسان جو فخر اسان جو شان آهي، اسان پاڪ فوج جي بي مثال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ملڪ جي سلامتي ۽ بقا لاءِ انھن جو اھم ڪردار آهي، ملڪ دشمن عناصرن جو مشن ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو، اسان اعلي اختيارين سان گڏ وزير اعظم پاڪستان، آرمي چيف کان مطالبو ٿا ڪريون ته فوري طور نوٽيس وٺن ۽ آپريشن تيز ڪيو وڃي. دهشتگردن خلاف فوري طور آپريشن ڪري دهشتگردن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، آخر ۾ پاڪ فوج جي شهيدن ۽ پوليس فورس جي شهيدن جي ايصال ثواب ۽ ملڪ جي بقا ۽ سالميت جي لاءِ دعائون گهريون ويون.
