سکر(رپورٽ يارمحمد سومرو) سکر موٽر ورڪس ايسوسي ايشن جون 28 ڊسمبر تي ٿيندڙ اليڪشن جون تياريون زور ۽ شور سان جاري آھن چونڊ سرگرميون عروج تي اميدوارن جي ورڪ ۾ تيزي اچي وئي ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني سميت سکر شھرجي واري تڙ روڊ۔سڪو تلاء۔نئون پنڊ ڦاٽڪ۔شڪارپور ڦاٽڪ۔سبزي منڊي۔روهڙي ۽ ٻين علائقن ۾ آزاد موٽر ورڪس پينل جي اميدوارن صدر جي عهدي جو اميدوار محمد نعيم مغل۔جنرل سيڪريٽري اميدوار شھزاد کوکر پنهنجن سپوٽرن سيد نثار علي شاھ۔غلام نبي مهر۔محمد شفيق ڀٽي۔غلام اختر رنڌاوا۔هدايت الله کوسو۔عبدالرشيد۔محمد عمران۔مشرف ۽ ٻين سان گڏ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ووٽر مسترين وٽ وڃي آزاد موٽر ورڪس پينل جي سمورن اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ان موقعي تي اميدوارن محمد نعيم مغل ۽ شهزاد کوکر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گزريل پنڌرهن سالن کان سکر موٽر ورڪس ايسوسي ايشن جي اڳوڻن عهديدارن مسترين جي مسئلن کي حل ڪرڻ بجاء وڌائي ڇڏيو آھي مسترين جي سڀ کان وڏي ڪالوني ڊينٽر پينٽر مڪينڪ ڪالوني مسئلن جو ڳڙھ بڻيل آھي بجلي ۔صفائي سميت ڪابه سهولت ناهي اسان ڪامياب ٿي سڀ کان پهريان مستري ڀائرن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاء جاکوڙ ڪندا سين پلاٽن کان محروم مسترين کي سندن حق ڏيارينداسين ان لاء مستري ڀائر اسان جي پينل آزاد موٽر ورڪس کي 28 ڊسمبر تي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائن ته جيئن مسترين جا مسئلا حل ٿين
