سکر:پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ مرحوم صحافين جي حوالي سان هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ٿيو،

سکر نيشنل پريس ڪلب نيوز/پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس پاران سکر نيشنل پريس ڪلب ۾ مرحوم صحافين جي حوالي سان هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي نائب صدر امداد ڦلپوٽو ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر جي ايم جمالي جي والد مرحوم مشتاق حسين جمالي، سکر جي سينيئر ڪيمرا مين رياض احمد سومرو ۽ خيرپور پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر سردار دين محمد ڪلهوڙي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو. جڏهن ته مرحومين جي مغفرت لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر پرويز خان، سکر يونين آف جرنلسٽس جي صدر رشيد رضا، سينيئر نائب صدر ڪي بي شيخ، سکر نيشنل پريس ڪلب جي جوائنٽ سيڪريٽري شاهد سولنگي، آفيس سيڪريٽري آدم شنباڻي، عبدالحميد دل، غلام شبير جوڳي، روهڙي يونين جي اڳواڻن نثار چنجڻ، آزاد عجيب منگي، ذوالفقار ملاح، جيئي سنڌ قومي محاذ سکر جي صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، آل پاڪستان سومرا ايسوسيئيشن سکر جي جنرل سيڪريٽري اسماعيل سومرو، آل پاڪستان گهنڃا ايسوسيئيشن سکر سٽي جي صدر ضمير گهنڃو، پ پ اڳواڻ نثار وسير، سنڌ ملاح فورم جي ميمبر عبدالنبي ميراڻي، محمد يامين، افضل قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پنھنجي راءِ لکو