گهوٽڪي رپورٽ محمد بچل گهنڃو عادلپور ٿاڻي جي حد چوري جي واردات، پيڇو ڪرڻ تي چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ، هڪ چور ۽ ڀاڳيو منير ڪلوڙ مارجي ويا، چور جي سڃاڻپ زمان پٽ سڪندر ميراڻي طور ٿي آهي،
گهوٽڪي ۾ چوري جون وارداتون ٻيهر معمول بڻجڻ لڳيون آهن، عادلپور ويجهو ڳوٺ احمد ڪلوڙ مان نامعلوم چور ڳوٺاڻي امان الله ڪلوڙ جي گھر کي کاٽ هڻي 2 مينهون چوري ڪري فرار ٿي ويا، واردات بعد ڀاڳين جي سُجاڳ ٿيڻ تي ڀاڳين پاران چورن جو پيڇو ڪيو ويو، جنهن دوران ڪاروگھٽ وٽان ڳوٺاڻن ۽ چورن وچ ۾ فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي ويو، جڏنهن ته ڀاڳيو منير ڪلوڙ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سکر اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو،
هي واقعو گذريل رات دير سان عادلپور ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته نامعلوم چور ڳوٺاڻي امان الله ڪلوڙ جي گهر ۾ گھري 2 مينهون چوري ڪري فرار ٿيڻ بعد گھرڌڻين جي سجاڳ ٿيڻ تي سرحد لڳ ڪاروگھٽ وٽان چورن ۽ ڀاڳين ۾ فائرنگ ٿي، فائرنگ ۾ هڪ چور مارجي ويو ۽ ڀاڳيو منير ڪلوڙ سخت زخمي ٿيڻ بعد دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏنهن ته ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي پهچڻ بعد چور مينهون ڇڏي فرار ٿي ويا، اهڙو واقعي بعد پوليس پهچي فرار ٿي ويل چورن جي ڳولاه شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس موجب مارجي ويل چور جي سڃاڻپ ڳڙهي واسي زمان پٽ سڪندر ميراڻي طور ٿي آهي، جنهن جو لاش تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ پيل آهي، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو ڪجهه وقت اڳ جيل مان آزاد ٿيو هو
